KTN News

آمريڪي صدر سان اسلامي ملڪن جي سربراهن جي ملاقات جاري

آمريڪي صدر سان ملاقات ۾ وزيراعظم شهباز شريف سميت ترڪيه، قطر، سعودي عرب، انڊونيشيا، مصر ۽ متحده عرب امارات جا اڳواڻ شريڪ آهن۔

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسلامي ملڪن جي سربراهن کي غزه ۾ جنگ کان پوءِ حڪمراني ۽ امن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪري رهيو آهي۔

ان سلسلي ۾ آمريڪي ميڊيا پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته آمريڪا چاهي ٿو ته عرب ۽ مسلمان ملڪ غزه ۾ فوجون موڪلين، جيئن اسرائيل اتيان نڪري سگهي۔

رپورٽ موجب آمريڪا اهو به چاهي ٿو ته عرب ۽ مسلم ملڪ فلسطين ۾ اقتدار جي منتقلي ۽ بحاليءَ جي ڪمن لاءِ مالي امداد پڻ ڏين۔

مسلمان اڳواڻن سان ملاقات کان اڳ، آمريڪي صدر اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ سان خطاب ڪندي چيو ته ڪجهه ملڪ فلسطيني رياست کي تسليم ڪري رهيا آهن، پر فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ حماس کي ظلم جو انعام ڏيڻ برابر آهي۔

آمريڪي صدر چيو ته اسان غزه ۾ جنگ بندي ۽ يرغمال ماڻهن جي واپسي چاهيون ٿا، ۽ حماس کان 38 يرغمالين جا لاش پڻ واپس گهرجن۔

صدر ٽرمپ پنهنجي خطاب ۾ دعويٰ ڪئي ته حماس امن جي آڇ کي رد ڪيو آهي، ۽ جيڪي ماڻهو امن چاهين ٿا، انهن کي يرغمالين جي آزاديءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گھرجي۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube