KTN News

آغا سراج دراني جي لاڏاڻي کان پوءِ خالي ٿيل نشست لاءِ انتخابي شيڊول جاري

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان شڪارپور جي حلقه پي ايس-9 ۾ انتخابي شيڊول جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي۔

شڪارپور جي حلقه پي ايس-9 جي نشست پيپلز پارٽي جي اڳواڻ آغا سراج دراني جي لاڏاڻي کان پوءِ خالي ٿي هئي۔

اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن موجب، شڪارپور جي حلقه پي ايس-9 ۾ پولنگ جو عمل 14 ڊسمبر تي منعقد ٿيندو، جڏهن⁠تہ اميدوار 3 کان 5 نومبر تائين پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرائي سگهن ٿا۔

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ابتدائي فهرست 6 نومبر تي جاري ڪئي ويندي، جاچ پڙتال 11 نومبر تي ٿيندي، ۽ نامزدگي ڪاغذن جي حتمي فهرست 23 نومبر تي جاري ڪئي ويندي۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube