آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ جي حلف برداري تقريب اڄ صدر آفيس مظفر آباد ۾ منعقد ٿيندي.
پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فريال ٽالپر حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ مظفر آباد پهچي وئي آهي، جڏهن ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي به شرڪت جو امڪان آهي.
آزاد ڪشمير جي نئين وزيراعظم فيصل راٺوڙ ايوان ۾ خطاب ڪندي ايڪشن ڪميٽي کي حقيقت قرار ڏنو ۽ چيو ته سندس ڪجهه مسئلا حقيقي آهن ۽ ڪجهه خواهشون آهن.




