لاهور: پي ايس ايل فرنچائز لاھور قلندرز بنگلاديش جي فاسٽ بالر مستفيض الرحمان کي سڌو سنئون سائن ڪري ورتو آهي۔
آئي پي ايل جي فرنچائز ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز مان خارج ڪيل مستفيض الرحمان پي ايس ايل 11 ۾ لاھور قلندرز جي نمائندگي ڪندا۔
لاھور قلندرز بنگلاديشي فاسٽ بالر کي 6 ڪروڙ 44 لک رپين ۾ سائن ڪيو آهي۔ واضح رهي ته مستفيض الرحمان پنهنجي شاندار سلوور بالنگ ۽ ڊيٿ اوورز ۾ اثرائتي ڪارڪردگي سبب دنيا ۾ مشهور آهن۔
ياد رهي ته مستفيض الرحمان کي آئي پي ايل مان خارج ڪرڻ تي ئي بنگلاديش ٽيم انڊيا ۾ ورلڊ ڪپ کيڏڻ کان انڪار ڪيو، ۽ هي انڪار انهن کي ٽورنامنٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو۔




