ڪاروبار

October 7, 2021 4:08 pm

ھاڻي ماڻھو ڪيترا ڊالر افغانستان کڻي وڃي سگھن ٿا؟ اسٽيٽ بينڪ جو اھم اعلان

اسٽيٽ بينڪ فيصلو ڪيو آهي ته افغانستان جو سفر ڪندڙ ماڻهن کي اجازت ڏني ويندي ته صرف 1،000 آمريڪي ڊالر کڻي وڃن ته جيئن غير ملڪي ڪرنسي جي غير قانوني وهڪري کي روڪي سگهجي.

اسٽيٽ بينڪ جي هڪ بيان موجب ، افغانستان جو سفر ڪرڻ وارن لاءِ وڌ ۾ وڌ سالياني حد 6000 هزار ڊالر هوندي.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايڪسچينج ڪمپنين پاران اپاءَ متعارف ڪرايا ويا آهن ته جيئن پرڏيهي مٽاسٽا جي ٽرانزيڪشن ۾ شفافيت وڌي ۽ ٻاهرين ملڪ نقد رقم جي غير قانوني وهڪري کي روڪي سگهجي.

اعلان موجب ، هي شرط 20 آڪٽوبر 2021 کان لاڳو ٿيندو.

وڌيڪ پڙهو: