پاڪستان

December 2, 2021 12:33 pm

گڏيل قومن جي امن مشن ۾ خدمتون انجام ڏيڻ دوران پاڪ فوج جو حوالدار محمد شفيق شهيد

گڏيل قومن جي امن مشن ۾ خدمتون انجام ڏيڻ دوران پاڪ فوج جو حوالدار محمد شفيق شهيد ٿي ويو،

حوالدار شفيق جي جنازي نماز ميان چنون ۾ ادا ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر  جي پڌرائي موجب حوالدار محمد شفيق سينٽرل آفريقن ريپبلڪ ۾ خدمتن دوران شهيد ٿيو.

آءِ ايس پي آر مطابق شهيد کي پوري فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

پڌرائي موجب حوالدار شفيق فيبروري 2021 ۾ يو اين مشن ۾ شامل ٿيو هو.شهيد حوالد  گهر واري ۽ ٽي پٽ پٺيان سوڳوار ڇڏيا آهن.

واضح رهي ته گڏيل قومن  جي امن مشنز ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ هيل تائين 162 جوان  شهيد ٿي چڪا آهن.

وڌيڪ پڙهو: