سنڌ

November 1, 2021 3:39 pm

گٽڪا مافيا خلاف ڪاررواين ۽ پوليس آفيسرن جي اڪائونٽس توڙي ملڪيتن جي ڇنڊ ڇاڻ  بابت درخواست تي ٻڌڻي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گٽڪا مافيا خلاف ڪاررواين ۽ ايف آءِ اي کان پوليس آفيسرن جي اڪائونٽس توڙي ملڪيتن جي ڇنڊ ڇاڻ  بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي ،

عدالت آءِ جي سنڌ  ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي ايف آءِ اي ۽ ٻين کان به تفصيل طلب ڪري ورتا آهن،

ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ عدالت ۾ پيش ٿي آگاهي ڏني ته آءِ جي سنڌ غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي آهي،

درخواست گذار چيو  ته پوليس گٽڪا مافيا خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري، ايس ايس پي مٽياري گٽڪا مافيا کان 15 لک رپيا رشوت ورتي هئي .

سنڌ هاءِ ڪورٽ گٽڪو وڪرو ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪارروائي ۽ پوليس آفيسرن جي بينڪ اڪائونٽس ۽ ملڪيتن جي ڇنڊ ڇاڻ ايف آءِ اي کان ڪرائڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخڳاستگذار موقف اختيار ڪيو ته عدالتي حڪمن باوجود پوليس گٽڪا مافيا خلاف ڪاررواين کان لنوائي رهي آهي، ايس ايس پي مٽيار گٽڪا فروشن کان 15 لک رويا رشوت به ورتي آهي.

ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ عدالت ۾ پيش ٿي آگاهي ڏني ته آءِ جي سنڌ غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي آهي،

عدالت آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي ايف آءِ اي کان به ايندڙ ٻڌڻي تي تفصيل طلب ڪري ورتا آهن..

وڌيڪ پڙهو: