پاڪستان

December 21, 2021 12:41 pm

گيس بحران وڌيڪ بدترين ٿي ويندو : سينيٽر شيري رحمان

پيپلز پارٽي وڌيڪ  ايندڙ گيس بحران تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي،

سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته اطلاع آهن ته سنگاپور جي ڪمپني پاڪستان کي 10 جنوري تي ايل اين جي ڪارگو نه ڏيندي، نومبر ۾ به ان ڪمپني ڪارگو فراهم نه ڪيو.

جاري ڪيل بيان شيري رحمان چيو ته حڪومت وضاحت ڪري ڊيفالٽر ڪمپني سان ٻيهر معاهدو ڪيئن ڪيو ويو؟.

شيري رحمان چيو ته حڪمرانن جي نااهلي سبب پهريان ئي ملڪ ۾ گيس جو شديد بحران آهي، جنوري ۾ گيس  جي گهرج وڌيڪ هوندي آهي.

هن خدشو ظاهر ڪيو ته هڪ ايل اين جي ڪارگو جي دير ٿيڻ سان موجودهه گيس بحران وڌيڪ بدترين ٿي ويندو.

پ پ سينيٽر چيو ته تاريخ جي مهانگي ترين ايل اين جي خريدڻ باوجود  تباهي سرڪار گيس جي فراهمي کي يقيني بڻائي نه سگهي آهي.

هن چيو ته گهريلو صارفين سان گڏ صنعتن کي به گيس جي فراهمي معطل آهي..

وڌيڪ پڙهو: