پاڪستان

December 13, 2021 12:26 pm

گلگت-بلتستان جي اڳوڻي چيف جج راڻا شميم خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ فرد جرم جي ڪارروائي ملتوي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گلگت-بلتستان جَي اڳوڻي چيف جج راڻا شميم خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ فرد جرم جي ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي،

راڻا شميم کي 20 ڊسمبر تائين اصل حلفي بيان جمع ڪرائڻ جو حڪم،

چيف جسٽس، جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته هڪ هيڊلائن ماڻهن جو اعتماد خراب ڪري ڇڏيو،

هتي ڪا به سياسي تقرير نه ٻڌي ويندي، عدالت آرڊر جاري ڪري ته لنڊن ۾ نوٽري پبلڪ خلاف جاچ شروع ٿي ويندي،

اٽارني جنرل خالد جاويد اڳوڻي چيف جج جو لکت ۾ جواب پڙهي ٻڌائيندي چيو ته راڻا شميم پاڻ چيو هو ته هُن حلفي بيان کي ميڊيا ۾ شايع نه پئي ڪرڻ چاهيو،

حلفي بيان ميڊيا ۾ ڪيئن شايع ٿيو؟ اِهو راڻا شميم پاڻ ئي ٻڌائي سگهي ٿو،

انصار عباسي موقف اختيار ڪيو ته هُن تصديق لاءِ فون ڪيو ته راڻا شميم انڪار نه ڪيو ۽ نه وري کيس خبر هلائڻ کان روڪيو ويو..

وڌيڪ پڙهو: