اهم خبرون

تازه خبرون

May 19, 2022 5:43 pm

ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش جي سرواڻ محمد اسلم قاضي ۽ ايوب قاضي جي امڙ ۽ ڪي ٽي اين جي سي اي او محمد اطهر قاضي جي ڏاڏيءَ جي لاڏاڻي تي عذر خواهيءَ جو سلسلو جاري آهي

ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش جي سرواڻ محمد اسلم قاضي ۽ ايوب قاضي جي امڙ ۽ ڪي ٽي اين جي سي اي او محمد اطهر قاضي جي ڏاڏيءَ جي لاڏاڻي تي عذر خواهيءَ جو سلسلو جاري آهي.

سنڌ جي وقتي گورنر آغا سراج دراني، ڪي ٽي اين جَي سربراهه محمد اسلم قاضي سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪري والده جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي.

ان موقعي تي سنڌ جي وقتي گورنر آغا سراج دراني، محمد اسلم قاضي جي والده جي مغفرت ۽ پونئيرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.

محمد اسلم قاضي ۽ محمد ايوب قاضي جي والده کي ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو ويو هو.

محمد اسلم قاضي ۽ محمد ايوب قاضي جي والده جي لاڏاڻي تي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

وڌيڪ پڙهو: