سنڌ

October 22, 2021 11:12 am

ڪينسر جي 9 هزار کان وڌيڪ مريضن جون دوائون بند ڪرڻ تي ڳڻتيءَ آهي : خرم شير زمان

پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان ڪراچي سول اسپتال ۾ ڪينسر جي 9 هزار کان وڌيڪ مريضن جون دوائون بند ڪرڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته ڪينسر جهڙي خطرناڪ مرض سان سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي جي راند شرمناڪ آهي.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ خرم شير زمان چيو ته حڪومت ڪينسر جون دوائون بڻائڻ واري ڪمپنيءَ سان معاهدو ختم ڪري ڇڏيو آهي، غفلت سبب سول اسپتال ۾ 10 کان وڌيڪ مريض فوت ٿي چڪا آهن.

هن چيو ته سنڌ جو صحت کاتو ڪميشن لاءِ انساني زندگيون داءُ تي لڳائي ڇڏيون آهن، صوبائي حڪومت عوام سان پنهنجي نفرت جا نوان نوان انداز متعارف ڪرائي رهي آهي.

خرم شير زمان چيو ته هڪ طرف پي ٽي آءِ ڪينسر لاءِ سجاڳي مهم هلائي رهي آهي ته ٻَي طرف پ پ جا ماڻهو ڪينسر جي مريضن ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ چاهين ٿا..

وڌيڪ پڙهو: