پاڪستان

December 20, 2021 1:21 pm

ڪيترائي ڪارڪن قيادت کان ناراض هئا، ان ڪري شڪست ملي آهي : شبلي فراز

سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير شبلي فراز خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن دوران شڪست تسليم ڪندي چيو آهي ته ڪيترائي ڪارڪن قيادت کان ناراض هئا، ان ڪري شڪست ملي آهي.

پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شبلي فراز چيو ته سموري صورتحال باوجود پي ٽي آءِ سيٽون کٽي رهي آهي، گهڻن هنڌن تي نتيجو اچڻ باقي آهي.

هن چيو ته مڪاني چونڊن جو  هي اڃا پهريون مرحلو هو، اڳتي اسانکي تياري سان ميدان تي لهڻو پوندو، عمران خان جو نظريو آهي ته چونڊون صاف ۽ شفاف ٿيڻ گهرجن.

هڪ سوال جي جواب ۾ شبلي فراز چيو ته گذريل ڏينهن مٿس حملو ڪيو ويو پر معجزاڻي طور محفوظ رهيس..

وڌيڪ پڙهو: