اڳوڻي وزير اعظم ۽ ن ليگ جي سينئر اڳواڻ شاهه خاقان عباسي چيو آهي ته هر اداري کي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهڻ گهرجي،ڪو به نٿو چئي سگهي ته آڊيو ۾ آواز اڳوڻي چيف جسٽس جو ناهي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز کي سازش تحت سزا ڏني وئي،ثاقب نثار، نواز شريف ۽ مريم نواز کي سزا ڏياري، جيڪا هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته معيشت ۽ حڪومت جي تباهي ۾ وڏو حصو نيب جو به آهي، مهانگائي حڪومت ۽ عمران خان جي ناڪامي آهي.
اڳوڻي وزير اعظم چيو ته سفارشن تحت ڪيسن جا فيصلا نه ٿيڻ گهرجن، مهانگائي کي ختم ڪرڻ جو طريقيڪار آئين ۾ موجود آهي.
هن چيو ته هر اداري کي آئين مطابق ڪم ڪرڻ گهرجي،نيب آرڊيننس کي 4 مهينا گذري چڪا آهن..