پاڪستان

December 16, 2021 3:00 pm

ڪوڙ ڳالهائيندڙ وزير اعظم عمران خان تي آرٽيڪل 62 ۽ 63 لڳڻ گهرجي : خورشيد شاهه

پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته ڪوڙ ڳالهائيندڙ وزير اعظم عمران خان تي آرٽيڪل 62 ۽ 63 لڳڻ گهرجي، مسلسل ڪوڙ ڳالهائي ملڪ کي تباهه ڪيو ويو آهي،

پ پ اڳواڻن خورشيد شاهه ٺٽو ۾ بخاري هائوس تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مهانگائي جي ذميوار موجوده حڪومت آهي، موجوده حڪومت عوام کي رليف ڏيارڻ لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا.

هن چيو ته ڊالر تيزي سان وڌي رهيو آھي ڊالر جي وڌڻ سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي.

خورشيد شاهه چيو ته وڌندڙ مهنگائي خلاف پيپلزپارٽي اپوزيشن طور ايوان توڙي ٻاهر احتجاج ڪري رهي آھي.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اين آر او جو راڳ ڳائيندڙ پاڻ ئي اين آر او گهري پهتو آهي.

وڌيڪ پڙهو: