سنڌ

October 22, 2021 2:59 pm

ڪول مائننگ ۾ واڌ ڪري 12 ڏهائي 2 ميٽرڪ ٽن ساليانو ڪوئلو ڪڍيو ويندو

وڏي وزير مراد علي شاهه ٿر ڪول جي فيز ٿري جي کوٽائي جي منظوري ڏئي ڇڏي، وڏي وزير جو چوڻ هو ته فيز ٿري ۾ ڪول مائننگ ۾ واڌ ڪري 12 ڏهائي 2 ميٽرڪ ٽن ساليانو ڪوئلو ڪڍيو ويندو، جنهن سان سالياني 10 ارب رپين جي رائلٽي ڪمائي سگهنداسين.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿرڪول جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ، توانائي واري سيڪريٽري، ٿرڪول جي ايم ڊي طارق شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران وڏي وزير مراد علي شاهه پاران ٿر ڪول جي فيز ٿري جي کوٽائي جي منظوري ڏني وئي.

ان موقعي تي وڏي وزير جو چوڻ هو ته 2009ع ۾ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت ٿرڪول تي ڪم شروع ڪرڻ وقت وڏا چئلينجز هئا، جن جو مقابلو ڪري ڪوئلي مان سستي بجلي پيدا ڪئي، جيڪا اڄ نيشنل گرڊ اسٽيشن ۾ وڃي رهي آهي.

هن چيو ته فيز ون ۾ 3 ڏهائي 8 ميٽرڪ ٽن ساليانو ڪوئلو نڪتو ، جنهن مان 660 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي ۽ هن وقت 2 هزار 640 ميگاواٽ جي منصوبي تي ڪم ڪري رهيا آهيون.

مراد علي شاهه چيو ته هن وقت 11 ڏهائي 8 ميٽرڪ ٽن سالياني ڪوئلو بلاڪ هڪ ۽ بلاڪ ٻه مان ڪڍڻ جو ڪم جاري اهي، سنڌ حڪومت ٿر جي ڪوئلي کي بجلي کانسواءِ ٻين سيڪٽرز ۾ به استعمال ڪرڻ چاهي ٿي.

وڏي وزير مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته فيز ٿري ۾ ڪول مائننگ ۾ واڌ ڪري 12 ڏهائي 2 ميٽرڪ ٽن سالياني ڪوئلو ڪڍيو ويندو، جنهن سان سالياني 10 ارب رپين جي رائلٽي ڪمائي سگهنداسين.

وليج اليڪٽري فڪيشن بابت هڪ ٻَي اجلاس دوران وڏي وزير چيو ته بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون ٽرانسفارمر سڙڻ جي صورت ۾ فوري تبديل ڪرڻ جو نظام بڻائين، ڳوٺن ۾ ٽرانسفارمر سڙي وڃن ٿا ۽ ماڻهو آفيسرن جا چڪر ڪاٽيندا رهن ٿا، عوام جي شڪايتن جي ازالي لاءِ مڪينزم جوڙيو وڃي.

وڏي وزير مراد علي شاهه توانائي واري وزير امتياز شيخ کي هدايت ڪئي ته بجليءَ جي فراهمي وارين اسڪيمن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي، ڇوته بجليءَ جي فراهميءَ سان ڳوٺاڻي زندگيءَ جو معيار بهتر ٿيندو آهي..

وڌيڪ پڙهو: