سنڌ

November 23, 2021 12:29 pm

ڪميشن تي لائيسنس وڪرو ٿيڻ جا اطلاع آهن : حليم عادل شيخ

سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ سنڌ جي گهرو کاتي جي لائيسنسز تي عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ حليم عادل شيخ چيو آهي ته ڪميشن تي لائيسنس وڪرو ٿيڻ جا اطلاع آهن، انهيءَ ڪريل ڪم ۾ کاتي جو وزير ۽ آفيسر ملوث آهن.

هن چيو ته ڏوهارين کي بنا تصديق جي هٿيارن جا لائيسنس ڏنا پيا وڃن، پ پ عوامي طاقت ختم ٿيڻ تي هٿياربند ونگ بڻائڻ چاهي ٿي.

حليم عادل شيخ چيو ته ادارن ۾ پيپلز پارٽي جا موجود غلام صوبي ۽ ملڪ لاءِ سيڪيورٽي رسڪ بڻجي رهيا آهن، اهم معاملي تي سپريم ڪورٽ، ايف آءِ اي ۽ نيب نوٽيس وٺن..

وڌيڪ پڙهو: