سنڌ

November 23, 2021 12:20 pm

ڪليبري ڪوئين کي فنڪاري تمام سٺي ايندي آهي : عمران اسماعيل

سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته عدالتن ۾ ڪيس لڳڻ تي ليگي ڪو نه ڪو نئون شوشو ڇڏي ڏيندا آهن.

سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي ٽوئيٽ ڪندي گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو ته جڏهن به ليگين جو ڪيس لڳي ٿو، هڪ نئون شوشو بازار ۾ اچي ويندو آهي.

ن ليگ نائب صدر مريم نواز جو نالو کڻڻ کانسواءِ گورنر سنڌ چيو ته ڪليبري ڪوئين کي اها فنڪاري تمام سٺي ايندي آهي.

گورنر عمران اسماعيل وڌيڪ چيو ته هاڻي مڪمل جاچ ٿيڻ کپي ته انهيءَ پٺيان ڪير آهي ۽ ڪنهن کي فائدو ٿيو..

وڌيڪ پڙهو: