ڪشمير تي ڀارتي قبضي کي 77 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي اڄ پاڪستان، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان سميت سموري دنيا ۾ يومِ سياه وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي،ڪشميري عوام سان همدرديءَ جو اظهار ۽ ڀارتي ظلمن خلاف احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون، احتجاج ڪندڙن عالمي برادري کان ڪشميرين کي هق 0يارڻ جو مطالبو ڪيو .
وفاقي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ شڪميري ڀائرن سان ايڪتا جي اظهار لاءِ پرڏيهي کاتي جي آفيس کان ڊيچوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ مختلف وزارتن، شاگردن، سول سوسائٽي ۽ عام شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ملڪ جي ٻين وڏن شهرن، ڪراچي، لاهور، پشاور، مظفرآباد ۽ گلگت ۾ پڻ يومِ سياهه جي حوالي سان احتجاجي واڪ ۽ ريليون ڪڍيون ويون آهن، صبح 10 وڳي ڪشميري شهيدن جي ياد ۾ هڪ منٽ جي خاموشي به اختيار ڪئي وئي.
احتجاج ڪندڙن عالمي برادريءَ کان ڪشميري عوام کي حقِ خوداراديت ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ………….




