رانديون

December 10, 2021 12:11 pm

ڪرڪيٽ ٽِيم جو جادو ۽ ڪمال هلي رهيو آهي : رميز راجا

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجه جو چوڻ آهي ته ڪرڪيٽ ٽِيم جو جادو ۽ ڪمال هلي رهيو آهي.

چيئرمين پي سي بي رميز راجه هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته ايندڙ هفتي هو ٻڌائيندو ته اڳتي کيس ڇا ڪرڻُو آهي.

هن چيو ته بنگلاديش خلاف قومي ٽيم شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو.

پي سي بي چيئرمين وڌيڪ چيو ته پي سي بي جونيئر ڪانٽريڪٽ اچي رهيو آهي، انڊر 11، انڊر 16۽ انڊر 19جي ٻارن کي ڪانٽريڪٽ ڏينداسين.

واضح رهي ته بنگلاديش جي دوري ۾ پاڪستان ميزبان ٽيم کي ٽي-ٽوئنٽي ۽ ٽِيسٽ سيريز ۾ شڪست ڏني هئي..

وڌيڪ پڙهو: