سنڌ

January 12, 2022 12:54 pm

ڪرپٽو ڪرنسي کي قانوني حيثيت ڏيڻ واري درخواست تي ٻڌڻي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪرپٽو ڪرنسي کي قانوني حيثيت ڏيڻ واري درخواست تي ٻڌڻي،

ٻه رڪني بينچ درخواست اڳوڻي بينچ ڏانهن اماڻي ڇڏي،درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته جاپان ڪرپٽو ڪرنسي کي قانوني شڪل ڏني آهي،

آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جيان پاڪستان ۾ به ڪرپٽو ڪرنسي کي سافٽ ويئر طور تسليم ڪيو وڃي،

جسٽس اقبال ڪلهوڙي رمارڪس ۾ چيو ته ڪرپٽو ڪرنسي ۾ هزارين ماڻهن سان فراڊ ٿيو آهي،

درخواستگذار وقار ذڪا چيو ته ڪنهن سان به فراڊ ناهي ٿيو، غلط خبرون پکيڙيون پيون وڃن،

ايف آءِ اي ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪري رهي آهي،

ٻين ملڪن جيان هتي به ڪرپٽو ڪرنسي کي قانوني حيثيت ڏني وڃي.

وڌيڪ پڙهو: