پاڪستان

January 7, 2022 12:38 pm

ڪرونا وگهي وڌيڪ 6 مريض فوت

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي پنجين لهر جاري آهي، ڪرونا وگهي وڌيڪ 6 مريض فوت ٿي ويا.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق 24 ڪلاڪن ۾ هڪ هزار 293 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

اين سي او سي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران 51 هزار 145 ٽيسٽون ڪيون ويون

اين سي او سي جي پورٽل مطابق مثبت ڪيسز جي شرح 2.52 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

رپورٽس مطابق ڪرونا جي 609 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي،جڏهن ته فوتين جو تعداد 28 هزار 961 ٿي ويو.

اين سي او سي مطابق ملڪ ۾ اومي ڪرون جي ڪيسز ۾ به واڌ جاري آهي،هيل تائين متاثرن جو مجموعي تعداد 13 لک هڪ هزار 141 ٿي ويو…

وڌيڪ پڙهو: