پاڪستان

November 30, 2021 12:31 pm

ڪرونا وگهي فوت ٿيلن جو مجموعي انگ 28 هزار 728 ۽ متاثرن جو انگ 12 لک 84 هزار 840 ٿي ويو

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 10 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جڏهن ته 24 ڪلاڪن دوران 475 نوان ڪيس به ظاهر ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ڪرونا وگهي فوت ٿيلن جو مجموعي انگ 28 هزار 728 ۽ متاثرن جو انگ 12 لک 84 هزار 840 ٿي ويو.

اين سي او سي موجب گذريل ڏينهن 42 هزار 577 ٽيسٽون ڪيون ويون، مثبت ڪيسز جي شرح هڪ ڏهائي هڪ سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

ٻئي طرف  اومي ڪرون کي منهن ڏيڻ لاءِ اين سي او سي پنهنجي حڪمت عملي جو اعلان اڄ ڪندي.

ڪرونا وائرس جو نئون قسم “اومي ڪرون” ڪينيڊا ۽ سوئيٽرزلينڊ کانپوءِ اسپين پهچي ويو، جـِي سيون ملڪن پاران ڪرونا جي پکيڙ روڪڻ لاءِ هنگامي قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

برطانيه ۾ شهرين کي ڪرونا کان بچاءَ واري ويڪسين جو ٽيون ڊوز لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، جڏهن ته گڏيل عرب امارتن ۾ به شهرين کي بوسٽر ڊوز لڳرائڻ جي هدايت ڪئي آهي..

وڌيڪ پڙهو: