پاڪستان

January 2, 2022 11:46 am

ڪرونا وائرس جي چوٿين لهر دوران وائرس وگهي فوتگين ۽ مثبت ڪيسز ۾ واڌ

پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس جي چوٿين لهر دوران وائرس وگهي فوتگين ۽ مثبت ڪيسز ۾ واڌ جو عمل جاري آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق  ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 8 ماڻهن دم ڏئي ڇڏيو.

اين سي او سي مطابق   24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وائرس جا  594 نوان ڪيس ظاهر ٿيا.

اين سي او سي جي پورٽل موجب گذريل ڏينهن 45 هزار 584 ٽيسٽون ڪيون ويون.

رپورٽس مطابق ملڪ ۾ مثبت ڪيسز جي شرح هڪ ڏهائي ٽي ٻڙي رهي، جڏهن ته هيل تائين فوتين جو انگ وڌي 28 هزار 941  ٿي ويو.

اين سي او سي جي رپورٽ مطابق متاثرن جو مجموعي انگ 12 لک 96 هزار 527 ٿي ويو..

وڌيڪ پڙهو: