پاڪستان

January 16, 2022 11:28 am

ڪرونا وائرس جي پنجين لهر خطرناڪ صورت اختيار ڪري وئي

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي پنجين لهر خطرناڪ صورت اختيار ڪري وئي، ملڪ ۾ مثبت ڪيسز جي شرح 8 سيڪڙو جي ويجهو پهچي وئي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ملڪ ۾  وڌيڪ 9 ماڻهن ڪرونا وگهي دم ڏئي ڇڏيو.

اين سي او سي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 هزار 27 ڪيسز سامهون اچي ويا.

رپورٽس مطابق  فوتين جو انگ وڌي 29  هزار 12 ۽ متاثرن جو انگ وڌي 13 لک 24 هزار 147 ٿي ويو.

اين سي او سي مطابق گذريل ڏينهن 51 هزار 236 ٽيسٽون ڪيون ويون، مثبت ڪيسز جي شرح 7 ڏهائي 8 رڪارڊ ڪئي وئي..

وڌيڪ پڙهو: