پاڪستان

January 4, 2022 12:15 pm

ڪرونا وائرس جي پنجين لهر جي پکيڙ ۾ تيزي سان اضافو

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي پنجين لهر جي پکيڙ ۾ تيزي سان اضافو شروع ٿي ويو، ڪراچي ۾ مثبت ڪيسن جي شرح 8 ڏهائي 9- هڪ سيڪڙو ٿي وئي.

صحت واري وفاقي وزارت ڪراچي ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي.

صحت واري وفاقي وزارت موجب ڪراچي ۾ ڪرونا جون 26 سئو 50 ٽيسٽون ڪيون ويون، 2 سئو 36 ماڻهو پازيٽو آيا.

وزارت مطابق ڪراچي ۾ رڳو 40 سيڪڙو ماڻهن جي ويڪسينيشن  ٿي آهي، حڪومت کي سمارٽ لاڪ ڊائون ڪرڻ ۽ ويڪسينيشن وڌائڻ جي تجويز ڏني آهي.

صحت بابت خاص معاون ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته ڪرونا جي پنجين لهر پکڙجي چڪي آهي، ويڪسينيٽڊ ماڻهن ۾ به وائرس پکڙجي ٿو پر ان جو اثر گهٽ ٿئي ٿو.

ٻئي طرف رپورٽس مطابق ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 2 مريض فوت ٿي ويا، جنهن بعد  انگ 28 هزار 945 ٿي ويو..

اين سي او سي مطابق 24ڪلاڪن دوران 44 هزار هڪ سئو 98 ٽيسٽون ڪيون ويون،24 ڪلاڪن دوران  630 نوان ڪيسز سامهون آيا آهن.

اين سي او سي جي رپورٽ مطابق 24ڪلاڪن دوران ڪرونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 1.42 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي..

وڌيڪ پڙهو: