پاڪستان

تازه خبرون

October 25, 2021 12:41 pm

ڪرونا وائرس جي ايڪٽوِ ڪيسز جو انگ گهٽجي 23 هزار 940 تي پهچي ويو

ملڪ اندر ڪرونا وائرس جي ايڪٽوِ ڪيسز جو انگ گهٽجي 23 هزار 940 تي پهچي ويو، اين سي او سي موجب ڪالهه 42 هزار 95 ٽيسٽون ڪيون ويون، مثبت ڪيسز جي شرح هڪ ڏهائي ڇهه پنج سيڪڙو رهي.

نيشنل ڪمانڊ ائنڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگ اکرن موجب ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 9 مريض زندگي جي جنگ هارائي ويا ۽ 24 ڪلاڪن دوران 698 نوان ڪيسز به سامهون آيا.

اين سي او سي موجب ڪرونا وائرس وگهي حياتيون وڃائيندڙ ماڻهن جو مجموعي انگ 28 هزار 3 سئو 86 ۽ متاثرن جو تعداد 12 لک 69 هزار 234 ٿي ويو آهي.

اين سي او سي موجب گذريل ڏينهن 42 هزار 95 ٽيسٽون ڪيون ويون، مثبت ڪيسز جي شرح هڪ ڏهائي ڇهه پنج سيڪڙو رهي..

وڌيڪ پڙهو: