پاڪستان

January 17, 2022 12:49 pm

ڪرونا وائرس جا سڀ کان وڌيڪ ڪيسز ڪراچي ۾ رپورٽ

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي مثبت ڪيس جي مجموعي شرح پوڻا 9 سيڪڙو ٿي وئي، اين سي او سي موجب 24 ڪلاڪن دوران 4 هزار کان وڌيڪ مثبت ڪيسز سامهون آيا ۽ 7 مريضن دم ڏنو.

اين سي او سي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل ڏينهن ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 7 ماڻهو فوت ٿيا ۽ 24 ڪلاڪن دوران 4 هزار 340 نوان ڪيسز به رپورٽ ٿيا.

ڪرونا وائرس جا سڀ کان وڌيڪ ڪيسز ڪراچي ۾ رپورٽ ٿيا، جتي مثبت ڪيسز جي شرح 30 سيڪڙو کان وڌيڪ رهي،

جڏهن ته اسلام آباد ۾ 11 سيڪڙو ۽ حيدرآباد 10 سيڪڙو مثبت ڪيسز سامهون آيا.

اين سي او سي موجب ڪالهه 49 هزار 809 ٽيسٽون ڪيون ويون، مثبت ڪيسز جي شرح 8 ڏهائي ست هڪ سيڪڙو رهي، ملڪ ۾ مثبت ڪيسز جو انگ وڌي 35 هزار 677 ٿي ويو..

وڌيڪ پڙهو: