پاڪستان

December 24, 2021 2:39 pm

ڪراچي ۾ گيس بحران جو احساس آهي : حماد اظهر

وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته ڪراچي ۾ گيس بحران جو احساس آهي، مهانگي ايل اين جي گهريلو صارفي کي ڏئي نٿا سگهون، جنوري ۾ ايل اين جي جا 10 ڪارگو ايندا.

اسلام آباد ۾ جاري ڪيل بيان ۾ حماد اظهر چيو ته گيس جي فراهمي ايتري آهي، جيتري  ڪڍي پئي وڃي.

هن چيو ته هلندڙ سال گهريلو صارفين کي گيس جي فراهمي نه ٿي رهي آهي،گيس جي کوٽ جو سبب سسٽم ۾ گهٽتائي آهي.

وفاقي وزير چيو ته سياري ۾ گهريلو صارفين جي گيس گهرج ۾ اضافو ٿيو آهي، سياري ۾ ٻين شعبن کي گيس روڪي گهريلو صارفين کي ڏني ويندي آهي.

هن چيو ته 30 ڊسمبر تي سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ گيس بابت ٻڌڻي آهي،گيس جي ذخيرن ۾ لاڳاتار گهٽتائي ٿي رهي آهي.

حماد اظهر چيو ته هڪ حد کان وڌيڪ سستي گيس فراهم ڪري نٿي سگهجي،کوٽ جو پورائو ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ 10 کان 11 ڪارگو ايندا،ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته گيس جي سپلائي بهتر ٿئي..

وڌيڪ پڙهو: