سنڌ

January 14, 2022 1:41 pm

ڪراچي ۾ ڪرونا جي خطرناڪ صورتحال

ڪراچي ۾ ڪرونا جي خطرناڪ صورتحال، مثبت ڪيسز جي شرح 29 سيڪڙو تائين پهچي وئي، 24 ڪلاڪن دوران 2 هزار 81 رڪارڊ ڪيس سامهون آيا آهن،

صحت کاتي عوام کي وبا کان بچڻ لاءِ احتياطي اپاءَ وٺن جي هدايت ڪئي آهي.

ڪراچي ۾ ڪرونا ڪيس جي شرح ۾ واڌ، مثبت ڪيسز جي شرح 29 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي.

صحت کاتي موجب ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن دوران 7 هزار 226 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان  2 هزار 81 ڪيس سامهون آيا آهن.

صوبي جي ٻئين نمبر شهر  حيدرآباد ۾ ڪرونا وائرس جي مثبت ڪيسز جي شرح 4.36 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

سنڌ حڪومت سنڌ جي عوام کي ڪرونا وبا کان بچڻ لاءِ ماسڪ جو استعمال ۽ سماجي وٿي اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي..

وڌيڪ پڙهو: