ڪراچي ۾ رينجرز جي تعیناتي ۾ هڪ سال جي واڌ ڪئي وئي آهي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪراچي ۾ رينجرز جي تعیناتي ۾ هڪ سال جي واڌ جي منظوري ڏني وئي.
سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان موجب، رينجرز دهشتگردي جي خاتمي واري قانون تحت اختيارين سان پوليس جي مدد جاري رکندي.
ترجمان جو چوڻ آهي ته سنڌ رينجرز جي تعیناتي جو نئون عرصو 9 ڊسمبر 2025 کان لاڳو ٿيندو.




