سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي، ميمبر انسپيڪشن ٽيم عدالت ۾ کير جي نمونن جي معيار بابت رپورٽ جمع ڪرائي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ کير جي قيمتن ۾ واڌ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ميمبر انسپيڪشن ٽيم عدالت جي حڪم تي کير جي نمونن جي معيار بابت رپورٽ جمع ڪرائي. عدالت رپورٽ کي رڪارڊ جو حصو بڻايو.
رپورٽ موجب، مختلف علائقن مان گڏ ڪيل درجنين نمونا پاڪستان اسٽينڊرڊ اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي ڏانهن موڪليا ويا، سڀئي نمونا غير معياري ۽ صحت لاءِ نقصانڪار هئا، کير جو ڪو به نمونو انساني استعمال لاءِ مناسب نه هو.
ڪمشنر ڪراچي عدالت ۾ کير جي قيمتن جو نوٽيفڪيشن جمع ڪرايو. اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته کير جي قيمتن بابت نوٽيفڪيشن 27 نومبر تي جاري ڪيو ويو هو، ڊيري فارمز کير 200 رپين، ٿوڪ وڪرو ڪندڙ 208 رپين ۽ پرچون فروش 220 رپين في ليٽر ۾ وڪرو ڪندا.




