پاڪستان

December 13, 2021 12:43 pm

ڪراچي کان خيبر تائين چلها اجهاميل آهن، ماڻهو ڪاٺين ۽ ڪوئلن تي کاڌو پچائڻ تي مجبور : سينيٽر شيري رحمان

پيپلزپارٽي جي سينيٽر شيري رحمان توانائي بحران جو ذميوار موجوده حڪومت کي قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت جي نااهلي ۽ بيڊ گورننس جي قيمت اڄ عوام ادا ڪري رهيو آهي.

سينيٽر شيري رحمان گئس بحران تي ٽوئٽ جاري ڪندي چيو ته گئس ۽ بجلي جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ باوجود بحران ختم ناهي ٿيو،

توانائي پاليسي نه هجڻ ۽ ادارن وچ ۾ رابطن جي فقدان جي قيمت عوام پيو ادا ڪري.

شيري رحمان چيو ته ڪراچي کان خيبر تائين چلها اجهاميل آهن، ماڻهو ڪاٺين ۽ ڪوئلن تي کاڌو پچائڻ تي مجبور آهن.

هن چيو ته حڪومت موجوده ٽرمينلز جي صلاحيت کي استعمال ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، اسٽوريج ۽ ٽرانسميشن جي مسئلي کي حل ئي نه ڪيو ويو..

وڌيڪ پڙهو: