ڪراچي کانپوءِ لاڙڪاڻي ۾ به انٽرا سٽي بس سروس شروع ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪين ويون آهن ، سنڌ ماس ٽرانسٽ اٿارٽي پاران 6 ماڊرن بسون لاڙڪاڻو پهچايون ويون آهن.
ٽرانسپورٽ کاتي موجب لاڙڪاڻي ۾ سڀاڻي کان انٽرا سٽي بس سروس شآروع ڪئي ويندي، ماڊرن بسون شهر جي مختلف علائقن ۾ هلنديون، ڀاڙو به مناسب هوندو، بس سروس سڀاڻي شهيد بينظير ڀٽو جي سالگرهه واري ڏهاڙي کان شروع ڪيون وينديون.
ٽرانسپورٽ کاتي موجب پهرين مرحلي ۾ 6 بسون ۽ ان کانپوءِ وڌيڪ 4 بسون به لاڙڪاڻو آنديون وينديون.