KTN News

ڪراچي: ناردرن باءِ پاس تي افغان بستي ۾ آپريشن، 300 کان وڌيڪ غيرقانوني گهر ۽ دڪان تباهه ڪيا ويا۔

ڪراچي ۾ ناردرن باءِ پاس تي افغان بستي ۾ آپريشن دوران 300 کان وڌيڪ غيرقانوني گهرن ۽ دڪانن کي تباهه ڪيو ويو۔

ڊي آءِ جي ويسٽ عرفان بلوچ موجب، اڄ پوليس آپريشن مڪمل ڪري ڇڏيو آهي، پوليس کي مزاحمت جو به منهن ڏيڻو پيو، پر اسان پنهنجو ٽاسڪ مڪمل ڪنداسين، سڀاڻي صبح ٻيهر آپريشن شروع ٿيندو، جيڪو ڪجهه ڏينهن تائين جاري رهندو۔

ڊي آءِ جي ويسٽ موجب، آپريشن دوران ڪيترن ماڻهن کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي۔

ڊي آءِ جي ويسٽ جو چوڻ آهي ته افغان بستي ۾ 24 ڪلاڪ پوليس جي نفري تعينات رهندي، ڪنهن کي به سرڪاري زمين تي قبضي جي اجازت نه ڏني ويندي۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube