سنڌ

November 29, 2021 1:11 pm

ڪراچي مان چونڊيل پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم، ايم اين ايز کي وفاقي سرڪار پاران ڏنل ترقياتي  فنڊز جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم

سنڌ هاءِ ڪورٽ وفاقي سرڪار پاران ڪراچي مان چونڊيل پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم، ايم اين ايز کي ڏنل ترقياتي  فنڊز جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،

عدالت پيپلز پارٽي جي چونڊيل ٽن ايم اين ايز عبدالقادر پٽيل، ڄام عبدالڪريم بجار ۽ آغا رفيع الله پاران داخل ڪيل درخواست تي اين اي 236، 238 ۽ 248  لاءِ وفاق پاران مليل فنڊز جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ پيپلز پارٽي جي ٽن ايم اين ايز عبدالقادر پٽيل، ڄام عبدالڪريم بجار ۽ آغا رفيع الله پاران داخل ڪيل درخواست تي اين اي 236، 238 ۽ 248  لاءِ وفاق پاران مليل فنڊز جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته حڪومتي ۽ سندس اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم جي ڪراچي مان چونڊيل نمائندن کي مليل ترقياتي فنڊز جا تفصيل ورتا وڃن ته جيئن ڪراچي جي عوام کي خبر پوي ته وفاقي سرڪار ڪراچي شهر جي ترقي لاءِ ڪيترا  پيسا ڏنا  ۽ اهي ڪٿي خرچ ڪيا ويا آهن..

وڌيڪ پڙهو: