پوليس ڀُنگ جي لاءِ اغوا ڪيل واپاري کي ڊي جي ايڪسائيز جي آفيس مان بازياب ڪرائي ورتو آهي. رپورٽ موجب ڪراچي پوليس ڀُنگ جي لاءِ اغوا ڪيل مقامي واپاري کي آءِ آءِ چندريگر روڊ تي موجود ڊي جي ايڪسائيز جي آفيس مان بازياب ڪرائي ورتو آهي. پوليس ذريعن موجب علي حسن نالي شهري جي اغوا جو ڪيس پير آباد ٿاڻي ۾ سندس پٽ ڪاشف آفريدي پاران داخل ڪيو ويو هو.
گرفتار جوابدارن گذريل ڏينهن علي حسن نالي شهري جي گهر ڀاتين کان 20 لک روپيه ڀُنگ طلب ڪيو هو. جاچ دوران پوليس موبائل فون جي لوڪيشن جي مدد سان آءِ آءِ چندريگر روڊ تي ڊي جي ايڪسائيز جي آفيس تي ڇاپو هنيو. اغوا ۾ ملوث هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن جي سڃاڻپ جان محمد جي نالي سان ٿي آهي ۽ هو ايڪسائيز کاتي جو ئي ملازم آهي.