سنڌ

September 24, 2021 8:59 pm

ڪراچي علائقي ڪامران چورنگي وٽ موٽر سائيڪل سوار جوابدار نوجوان عورت تي تيزاب اڇلائي فرار

ڪراچي جي علائقي ڪامران چورنگي وٽ موٽر سائيڪل سوار جوابدار نوجوان عورت تي تيزاب اڇلائي فرار ٿي ويا، حملي ۾ عورت سارا خاتون جي ٻانهن ۽ جسم جو ڪجهه حصو متاثر ٿيو آهي، متاثر عورت جو چوڻ آهي ته سندس مڙس ساٿين جي مدد سان مٿس تيزاب حملو ڪيو آهي.

ڪامران چورنگي وٽ موٽر سائيڪل سوار ٽي جوابدار  عورت تي تيزاب هاري فرار ٿي ويا، عورت کي بروقت اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڊاڪٽرن موجب عورت جي ٻانهن ۽ جسم جو ڪجهه حصو سڙي زخمي ٿيو آهي.

متاثر عورت جو چوڻ آهي ته خلع جي درخواست داخل ڪرڻ تي سندس مڙس ساٿين جي مدد سان مٿس تيزاب حملو ڪيو .

عورت جو چوڻ آهي ته کيس مڙس کان جان جو خطرو آهي، تحفظ ڏياريو وڃي، پوليس عورت جي بيان بعد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهي آهي …….

کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته موٽر سائيڪل سوار ٽن جوابدارن عورت مٿان تيزاب اڇلايو…..

 

وڌيڪ پڙهو: