اهم خبرون

سنڌ

August 5, 2022 6:34 pm

ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ مسجد اندر هڪ شخص پنهنجو ڳلو ڪٽي ڇڏيو

ڪراچي جي علائقي ڊفينس خيابان راحت فيز ۶ ۾ مسجد عائشه ۾ هڪ شخص پنهنجو ڳلو ڪٽي ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته تيز رفتار اوزار سان ڳلي ۾ زخم لڳڻ سٻ رت وهڻ لڳو، جڏهن ته اسپتال اختيارين جو چوڻ آهي ته زخمي شخص نفسياتي مريض لڳي رهيو آهي.

پوليس موجب مقتول جي وارثن سان هن وقت تائين رابطو نه ٿي سگهيو آهي، اسپتال ۾ زخمين جو شروعاتي بيان ورتو ويو آهي، شروعاتي بيان موجب خودڪشي جي ڪوشش جو ڪارڻ خدشو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته مسجد انتظاميه جو بيان به ورتو ويو آهي، واقعو جمعي جي نماز کانپوءِ پيش آيو.

وڌيڪ پڙهو: