اهم خبرون

تازه خبرون

June 18, 2022 3:49 pm

ڪراچي جي عدالت لاڏاڻو ڪري ويل ايم اين اي ڊاڪٽر عامر لياقت حسين جي مڙهه جو پوسٽ  ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

ڪراچي جي عدالت لاڏاڻو ڪري ويل ايم اين اي ڊاڪٽر عامر لياقت حسين جي مڙهه جو پوسٽ  ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت شهري عبدالله احد جي درخواست منظور ڪندي ڊاڪٽر عامر لياقت حسين جي قبر ڪشائي ڪري پوسٽ ڪرائڻ لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏنو.

جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر  جي عدالت شهري عبدالله احمد  جي ڊاڪٽر عامر  لياقت حسين جو  مڙهه قبر مان ڪڍي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ واري درخواست تي فيصلو ٻڌايو.

ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر عامر لياقت حسين جا مائٽ، سرڪاري وڪيل ۽ برگيڊ ٿاڻي جو ايس ايڇ او به عدالت ۾ پيش ٿيا.

درخواستگذار چيو ته ڊاڪٽر عامر لياقت حسين  گهڻ رخي شخصيت هيو، سندس موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ ضروري آهي، تنهنڪري عدالت قبرڪشائي ۽ لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري .

سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پوليس  سرجن چوي ٿو ته  پوسٽ مارٽم کانسواءِ موت جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهندو، پر  ڊاڪٽر عامر لياقت جا  وارث پوسٽ مارٽم ڪرائڻ نٿا چاهين وارثن چون ٿا ته  کين ڪنهن تي شڪ به ناهي.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڊاڪٽر عامر لياقت حسين جي قبر ڪشائي ڪري  مڙهه جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو….

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڊاڪٽر عامر لياقت حسين جو مڙهه سندس گهر مان مليو هو .

وڌيڪ پڙهو: