KTN News

ڪراچي ايئرپورٽ تي مسافر کان 20 پاڪستاني پاسپورٽ هٿ

وفاقي تحقيقاتي اداري (ايف آءِ اي) اميگريشن ڪراچي ايئرپورٽ تي هڪ مسافر وٽان 20 پاڪستاني پاسپورٽ هٿ ڪري ورتا.

ترجمان موجب، ايف آءِ اي اميگريشن ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪئي ۽ وِزٽ ويزا تي ايران وڃندڙ مسافر کي آف لوڊ ڪيو ويو.

ايف آءِ اي جي ترجمان مطابق، جوابدار وٽان 20 پاڪستاني پاسپورٽ، ايران ويزا ايپليڪيشن فارمز ۽ جعلي ڊرائيونگ لائسنس به مليا آهن.

ترجمان ٻڌايو ته ابتدائي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته جوابدار ڳري رقم عيوض شهرين کي ايران موڪليندو هو ۽ في ماڻهو لڳ ڀڳ ٻه لکن پنجاهه هزار رپيا وصول ڪندو هو۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube