پاڪستان

November 25, 2021 3:16 pm

ڪجهه پيٽرول ڪمپنين کي فائدو پهچائڻ لاءِ 9 رپين جو اضافو نه ڪيو ويندو : حماد اظهر

وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته پيٽرول پمپس جي هڙتال جي آڙ  ۾ ڪجهه گروپس 9 رپين جو اضافو ڪرائڻ گهرن ٿا،

ڪجهه ڪمپنين کي فائدو پهچائڻ لاءِ 9 رپين جو اضافو نه ڪيو ويندو.

جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته جائز مطالبا مڃينداسين، پر ناجائز مطالبن کي قبول نه ڪيو ويندو.

حماد اظهر چيو ته پيٽروليم ڊيلرز پاران عوام کي پريشان ڪرڻ درست ناهي.

هن چيو ته پيٽروليم ڊيلرز جي مطالبي تي مارجن ۾ واڌ جي سمري پهريان ئي اِي سي سي کي موڪلي وئي آهي.

حماد اظهر چيو ته ايندڙ اجلاس ۾ ان جو فيصلو ٿي ويندو،پيٽرول پمپ مالڪن جي ڏکيائين جو احساس آهي.

هن چيو ته پيٽرول پمپ مالڪ عوام جي ڏکيائن جو احساس ڪندي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪن…

وڌيڪ پڙهو: