پاڪستان

December 13, 2021 3:38 pm

ڪالعدم تحريڪ طالبان سان ڳالهين تي رياست جو موقف صاف ۽ واضح آهي : فواد چوڌري

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڪالعدم تحريڪ طالبان سان ڳالهين تي رياست جو موقف صاف ۽ واضح آهي.

فواد چوڌري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي آئين ۽ قانون کي مڃيندو ان سان گڏ هلنداسين نه ته پهريان به وڙهيا آهيون ۽ هاڻي به وڙهنداسين.

فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ فارن فنڊنگ جي ڪيسن ۾ مناسب اڳڀرائي نه پئي ٿئي،

پي ٽي آءِ سميت سمورين سياسي جماعتن جي فارن فنڊنگ جا معاملا عوام آڏو اچڻ گهرجن.

وفاقي وزير چيو ته جمعيت علماءَ اسلام تي فنڊنگ جي سلسلي ۾ انتهائي سنجيده الزام آهن ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي فنڊنگ جو ڪجهه پتو ئي ناهي.

هن چيو ته پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جون مڪاني چونڊون 100 سيڪڙو اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي ٿي سگهن ٿا..

 

وڌيڪ پڙهو: