طالبان ڪابل ۾ عورتن مٿان راندين جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي، ڪيترائي ورزش سينٽر به بند ٿي ويا،
پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪابل ۾ ڪيترن ئي اسپورٽس ڪلب جي مالڪن جو چوڻ آهي ته عورتن مٿان راندين جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي،
طالبان جو موقف آهي ته عورتن کي صرف اسلامي قدرن ۽ افغان ثقافت تي ٻڌل راندين ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏني ويندي،
طالبان عورتن جي ڪرڪيٽ کيڏڻ تي اڳ ئي پابندي لاڳو ڪري چڪا آهن..