KTN News

ڍاڪا ايئرپورٽ: ڪارگو ٽرمينل تي باهه لڳڻ سبب سڀ پروازون معطل

بنگلاديش جي گاديءَ واري شهر ڍاڪا ايئرپورٽ جي ڪارگو ٽرمينل تي باهه لڳي وئي، جنهن کان پوءِ سڀئي پروازون معطل ڪيون ويون.

اڄ منجهند حضرت شاه جلال بين الاقوامي هوائي اڏي جي ڪارگو علائقي ۾ اوچتو باهه ڀڙڪي پئي، جنهن سبب سڀني پروازن جي اچ وڃ عارضي طور تي بند ڪئي وئي.

بنگلاديش ايئر لائنز ۽ سول ايويئيشن اٿارٽي بنگلادش (CAAB) جي ترجمان، ڪوثر محمود مطابق، باهه لڳڻ جو واقعو منجهند لڳ ڀڳ 2 بچي 15 منٽ تي رپورٽ ڪيو ويو.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube