سنڌ

December 27, 2021 3:51 pm

ڊيل يا ڍيل بابت لنڊن مان هلندڙ هڪ پارٽي وڌيڪ بهتر انداز ۾ ٻڌائي سگهي ٿي : نفيسا شاهه

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نفيسا شاهه چيو آهي ته جيڪي چوندا هئا ووٽ کي عزت ڏيو، انهن جي چوڌاري بيٺل ماڻهو اڄ ڊيل کي عزت ڏيو چئي رهيا آهن،

ڊيل يا ڍيل بابت لنڊن مان هلندڙ هڪ پارٽي وڌيڪ بهتر انداز ۾ ٻڌائي سگهي ٿي.

خيرپور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نفيسه شاهه چيو ته پ پ جي جدوجهد هائبرڊ حڪومت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري جمهوري نظام بحال ڪرڻ لاءِ آهي.

شازيه مري خيرپور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عمران خان کي پنهنجي دماغ جو علاج ڪرائڻ گهرجي، پاڻ کي تخت نشين سمجهندڙن جو عوام زوال آڻيندو..

وڌيڪ پڙهو: