ڪاروبار

May 19, 2022 2:49 pm

ڊالر جي مٿانهين اڏام جو سلسلو برقرار آهي

ڊالر جي مٿانهين اڏام جو سلسلو برقرار آهي ۽ آمريڪي ڪرنسي جي قيمت هڪ ڀيرو وري ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي سطح تي پهچي وئي آهي.
ملڪ ۾ غير يقيني صورتحال، حڪومت طرفان سياسي دٻاءُ جي بنياد تي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻ جهڙن قدمن ۽ آءِ ايم ايف پروگرام بحال نه ٿيڻ جي خدشن اڄ به روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ڊالر کي وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو.
انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر ماضيءَ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، ڊبل سينچري مڪمل ڪري ورتي.
انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار شروع ٿيندي ئي رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي وئي، ڊالر هڪ رپيو 61 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 2 سئو 20 پئسن جو ٿي ويو.
اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر وڌيڪ هڪ رپيو مهانگو ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ 201 رپين تي پهچي ويو آهي.

وڌيڪ پڙهو: