سنڌ

January 2, 2022 4:06 pm

ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر وزير اعليٰ هائوس ۽ بلاول هائوس ۾ آهن : حليم عادل شيخ

اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ ڌمڪين وارن پيغامن تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته ٽن چئن ڏينهن کان هڪ نمبر تان ڌمڪين واريون ڪالز ۽ هٿيارن جون تصويرون ملي رهيون آهن،

گذريل رات به هڪ وڊيو مختلف گروپس ۾ وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ پوليس مونکان ناراض ڏيکاري وئي آهي.

حليم عادل شيخ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته وائرل ٿيل وڊيو پوليس جي نٿي لڳي، هي هڪ سازش آهي،

جنهن جا ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر وزير اعليٰ هائوس ۽ بلاول هائوس ۾ آهن.

هن چيو ته منهنجي ڪنهن به پوليس واري سان ذاتي دشمني ناهي، جيڪڏهن ڪنهن اهلڪار سان ظلم ٿئي ٿو ته آئون پوليس سان بيٺو آهيان،

ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي ته پوليس جي حليم عادل شيخ سان دشمني آهي.

حليم عادل شيخ وڌيڪ چيو ته پهريان ڪلاشنڪوف آئي پوءِ سرڪاري جي ٿري آئي..

وڌيڪ پڙهو: