پاڪستان

December 1, 2021 12:40 pm

ڇو نه شهرين کي غائب ڪرڻ جو ذميوار وزير اعظم عمران خان کي قرار ڏنو وڃي : چيف جسٽس اطهر من الله

صحافي مدثر نارو جي بازيابي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران انساني حقن جي وفاقي وزير شيرين مزاري پيش،

چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته ڇو نه شهرين  کي غائب ڪرڻ جو ذميوار وزير اعظم عمران خان کي قرار ڏنو وڃي، اسان شهرين جي زندگي جي تحفظ جا ضامن آهيون،

رياست جو ڪردار اهو ناهي، جيڪو  نظر  اچي پيو، رياست ماءُ جيان هوندي آهي، هن ڪيس ۾ ماءُ جو ڪردار سامهون  نٿو اچي،

ڪنهن جو پيارو غائب ٿي وڃي ته ان کي مطمئن ڪير ڪندو؟ ڪنهن پبلڪ آفيس هولڊر جو ڪو مائٽ غائب ٿئي ته رياست جو ڪهڙيو رد عمل هوندو؟..

وڌيڪ پڙهو: