سنڌ

December 20, 2021 11:49 am

ڇو نه اسين نيب چيئرمين کي طلب ڪيون ۽ سڀ واضح ڪري ڇڏيون : جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو

سنڌ هاءِ ڪورٽ سوسائٽي جي نالي تي فراڊ واري ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته نيب لڳ ڀڳ هر ڪيس ۾ جواب داخل ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ٿو،

ڇا نيب لاءِ مهلت گهرڻ لازمي بڻجي چڪو آهي، ڇو نه اسين نيب چيئرمين کي طلب ڪيون ۽ سڀ واضح ڪري ڇڏيون.

ڪراچي ۾ سوسائٽي جي نالي تي فراڊ ڪيس ۾ نيب ڪارروائي خلاف ميان عبدالصمد جي درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ڪئي وئي،

جنهن دوران نيب پاران جواب جمع نه ڪرائڻ تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏنا آهن ته نيب لڳ ڀڳ هر ڪيس ۾ جواب داخل ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ٿو، ڇا نيب لاءِ مهلت گهرڻ لازمي بڻجي چڪو آهي، ڇو نه اسين نيب چيئرمين کي طلب ڪيون ۽ سڀ واضح ڪري ڇڏيون.

عدالت چيو ته 2009ع کان درخواست ٻڌڻيءَ هيٺ آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا اڳ به جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري چڪا آهيو.

عدالت ڊي جي نيب ڪراچي ۽ سکر کي معاملي جو جائزو وٺڻ جو حڪم ڏيندي ٻن هفتن ۾ تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي..

وڌيڪ پڙهو: