سنڌ

January 7, 2022 3:30 pm

ڇا هي پوليس اسٽيٽ آهي؟ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

گم ٿيل ماڻهن واري ڪيس ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ خلاف پراسيڪيوشن جي درخواست تي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٻڌڻي،

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پراسيڪيوٽر کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته ڇا هي پوليس اسٽيٽ آهي؟،

قانون جا بخيا اڊيڙڻ بند ڪيو، آئين ۽ قانون کي مذاق بڻائي ڇڏيو اٿو، ڇا توهان شهرين کي گم ڪندڙ جي سهولتڪاري پيا ڪريو؟،

ڇا توهان جو ڪم جوابدارن کي تحفظ ڏيڻ آهي، يا توهان ايس ايڇ او آهيو؟

جيڪو ايف آءِ آر داخل ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ڪندا، ٻڌايو ته توهان ڪهڙي حيثيت ۾ هي درخواست داخل ڪرائي آهي؟،

راجا عمر خطاب ايڏو پاور فل آهي؟،

عدالت پاران پراسيڪيوشن کان وضاحت طلب ڪري ورتي..

 

وڌيڪ پڙهو: